حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي کنڀي گم ڪيل 5 اڳواڻن جي  بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي 14 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نثار ڪيريو ۽ رفيق ملاح پنھنجي وڪيل غلام الله چانگ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ سندن موقف آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوابشاھ پوليس شاھنواز ڪيريو، رستم شاھ ۽ جاويد سميت 50 کان وڌيڪ ماڻھن تي سياسي تنظيم جي ڪئمپ تي مبينا حملي جو ڪيس داخل ڪيو ھو. 28 آگسٽ تي لاڳاپيل عدالت عاقب ڏاھري، وقار ملاح سميت 8 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي ھئي. ضمانت منظور ٿيڻ بعد شاھنواز ڪيريو، رستم شاھ، جاويد انڙ، وقار ملاح، عاقب شير ڏاھري حيدرآباد کان نوابشاهه ويندي رستي مان پوليس مبينا طور تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس راشده اسد تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد 5 سيپٽمبر تي رات جو پوليس شاهنواز ڪيريو ۽ وقار ملاح کي آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته 3 ڄڻا اڃا تائين گم آهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي 14 سيپٽمبر تي کنڀي گم ڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گڏوگڏ عدالت عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ 8 ڪارڪنن جي ضمانت ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.