ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو ۾ ٻرڙا ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، 27 لک رپيا ڏنڊ مقرر، 3 لک پوليس کي ڏيڻ جي فتويٰ، 3 لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا. خبر موجب ڳوٺ نور احمد کوسو ۾ ٻرڙا ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو، جرڳي جي سرپئنچ صدام ٻرڙو عبدالحئي کوسو ۽ جمع خان ٻرڙو جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد کوسا برادري جي نوجوان کي ڪارو قرار ڏيندي مٿس 27 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، ڌرين فيصلو قبول ڪندي 3 لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪري ڇڏيا، جڏهن ته باقي رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ان موقعي تي سر پئنچ ڏنڊ جي رقم مان 3 لک رپيا پوليس کي ڏيڻ جو پڻ چيو.