ٺٽو (رپورٽر ) گٽڪو کائڻ سبب نوجوان ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ بعد حياتي وڃائي ويٺو. ٺٽي شھر لڳ ڳوٺ نور محمد بروھيءَ جو رھواسي ربنواز ولد قادو بروھي گٽڪا واپرائڻ ڪري گلي ۾ ڪينسر ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، مرحوم جي مڙهه کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.