راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور جي رضا ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري مسواڙ تي رهندڙ علي مراد ڦلپوٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ علي مراد ڦلپوٽي جي گهرواري ثمينا ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پئي، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال پهچايو، جتي زخمي عورت ثمينا ڦلپوٽو ٻڌايو ته اسان خيرپور جا رهواسي آھيون، ڪجهه مهينا اڳ مون علي مراد ڦلپوٽو سان شادي ڪئي هئي، جيڪا منهنجي اڳوڻي مڙس ۽ ان جي مائٽن کي نه وڻي، جن اڄ اسان جي گهر مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي، جنهن ۾ منهنجو مڙس علي مراد قتل ٿي ويو، هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪجهه عرصو پهريان پسند جي شادي ڪئي هئي، جيڪا ڳالھه منهنجي مائٽن کي پسند نه هئي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ٻي طرف مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.