ڪلوئي (رپورٽ:گلشير نهڙيو) ٿرپارڪر ۾ آگسٽ جو ٽيون ھفتو گذرڻ باوجود گهربل برساتون نه پوڻ سبب ڏڪاري حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جون جي آخري ھفتي ۾ معمولي برساتون پوڻ بعد ضلعي ۾ گاهه به سڪي ويو، جنهن سبب مالوند ڳوٺاڻن بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، مسلسل پنڌ لڏپلاڻ سبب ڳوٺاڻن جو چوپايو مال به رستن تي بک ۽ اڃ وگهي مرڻ لڳو آهي، جڏهن ته حڪومت پاران انگريز دور کان وٺي 14 آگسٽ بعد ڏڪار ڊڪليئر ڪري ھنگامي بنيادن تي امداد ۽ مال چارو ڏنو ويندو ھو پر ھن سال 14 آگسٽ بعد سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڏڪار ڊڪليئر نه ڪيو آهي، جڏهن ته گاهه سڪي وڃڻ ۽ پاڻي کوٽ سبب مٺي، اسلام ڪوٽ، ڪلوئي، ڏيپلو ۽ ڇاڇرو ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، ڳوٺاڻا چارو نه هجڻ سبب چوپايو مال وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، ٻي طرف ٿر واسي عمر نھڙيو، بلاول نواز ڀٽو، جيتام ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ٿر ۾ ماڻهو توڙي چوپايو مال اڃ ۽ بک وگهي مري رهيو آهي، پر چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، هنن چيو ته ڏڪاري حالتن سبب سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي ٿر پارڪر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي واهر ڪئي وڃي.

عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ جي ٿر سان تعلق رکندڙ 25 ديھن ۾ ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿي وئي، پاڻي ۽ جانورن جي چاري ۽ ڪک پن جي کوٽ، ضلعي انتظاميا پاران 25 ديھن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيارڻ لاءِ سروي مڪمل، خبر موجب عمرڪوٽ جي ٿر وارن علائقن سان تعلق رکندڙ تپو دينور، ڪپلور ۽ ايڊيشنل ڪپلور ۾ وقت سر برساتون نه پوڻ ۽ ڀاڳين توڙي ٿر واسين پاران پوکيل فصل گوار، ٻاجھر، منڱ، تر ۽ ٻيو فصل سڪي وڃڻ سبب ڏڪار واري صورتحال پئدا ٿي وئي آھي، ھر سال 14 آگسٽ تائين برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ روينيو کاتو 15 آگسٽ بعد ٿر جي علائقن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي رليف واريون سرڪاري امدادي سرگرميون شروع ڪندو آهي، ان ڏس ۾ ڊي سي عمرڪوٽ پاران اي سي عمرڪوٽ ۽ مختيارڪار عمرڪوٽ کي مڪمل سروي ڪري رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي وئي ھئي، جنھن بعد عمرڪوٽ جي ٿر سان تعلق رکندڙ 25 ديھن ديھه ڇور ٿر، وھرو ٿر، نبي سر ٿر، کاروڙو، کوکراپار، فقيرعبدالله، لپلو، ڏوڏھار، ھوڙينگو، سبڙي ٿر، لالاٻاھ، موکل ٻاءُ، دينور، شيخڙو، ڪپلور، ڪچولي، سنھري، جانھيرو، ساڏوري، سڻھوئي، تڙ سمون، نبي سر ٿر، راڄاڙ ٿر، کلڙائي ٿر، راڄاري ٿر، ڏيات ٻاھ جي سروي رپورٽ مڪمل ڪئي وئي آھي، سروي جي مليل انگن اکرن موجب 25 ديھن ۾ 41 ھزار397 خاندان ڏڪار سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته عمرڪوٽ جي 25 ڏڪار سٽيل ديھن ۾ 02 لک08 ھزار 262 انسان به ڏڪاري حالتن سبب متاثر ٿيڻ جا تفصيل سروي رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا آھن، ساڳي ريت انگن اکرن موجب ڏڪار سبب 06 لک 62 ھزار 441 ننڍو توڙي وڏو چوپايو مال اُٺ، ڍڳيون، رڍون ۽ ٻڪريون متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ ايس ڊي ايم عمرڪوٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رپورٽ آخري مرحلي ۾ آھي، جلد سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ ڏانھن اماڻي ويندي، جنھن ۾ ڏڪار سبب امڪاني طور متاثر ٿيندڙ 25 ديھن جو تفصيل شامل ھوندا، ٻئي طرف ٿر واسي بلاول سومرو، احمد علي، نواز ۽ ٻين ٻڌايو ته روينيو اختياريون 14 آگسٽ تائين برساتون نه پوڻ سبب پاڻ مرادو ٿر کي ڏڪار سٽيل ڊڪليئر ڪنديون آھن، ھفتو گذرڻ باوجود اڃا ڏڪار وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آھي. ھنن ٻڌايو ته ھاڻ برساتون پئجي به وڃن تڏھن به ٿر جي ٻنين ۽ کٽن ۾ فصل جي اڀرڻ پچي راس ٿيڻ ۽ اپت ڏيڻ وارو وقت گذري ويو آھي، ان ڪري ٿورو گھڻو گاھ پٽ ٿي سگھي ٿو ھن وقت ٿر ۾ مڪمل طور ڏڪاري حالتون آھن.