نصيرآباد ( رپورٽ: عاشق ڦلپوٽو ) نصيرآباد ۽ وارھ جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار فورم ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي ڊگري ڪاليج نصيرآباد اڳيان قومي شاھراھ تي رڪاوٽون وجھي شاميانا ھڻي ڌرڻو ھنيو ويو، آباد گار حاجن خان بيھوش ٿي ويو، جنھن کي ٿڌو پاڻي ھڻي ھوش ۾ آندو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي پ پ پ اڳواڻ علي رضا چولياڻي، لاڙڪاڻو اتحاد جي اڳواڻ ڪاظم عباسي، نياز حسين ڪلھوڙو، شھري اتحاد جي صدر معشوق ڦلپوٽو، جمعيت جي مولوي محمد صديق مڱڻيجو، پي ٽي آءِ جي محمد علي ھڪڙو، قومي عوامي تحريڪ جي عنايت تنيو، قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي، سجاڳ شھري اتحاد جي منصور سومرو، دودو ديشي، سينئر صحافي محرم چانڊيو، ليکڪ نجيب چانڊيو، ڪامريڊ مجيب چڳلياڻي چيو ته حڪمران ۽ ڪرپٽ ڪامورا وارھ ۽ نصيرآباد جو زرعي پاڻي بند ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ڪري رھيا آھن.ھنن چيو ته چونڊيل نمائندا صرف دورن تائين محدود آھن، انھن کي غريب ھارين جو ڪو به الڪو نه آهي پاڻي نه ھجڻ ڪري ھاڻي جر به پاڻي ڇڏي ويو آھي پاڻي پيئڻ جو پڻ اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي اسان کان ووٽ وٺي ويندڙ وٽ اسان جي ڏکن دردن جو ڪو به احساس نه آھي. ھنن چيو ته سنڌ جا نا اھل ڪرپٽ حڪمران پاڻي چوري ڪري اسان کان جيئڻ جو حق به کسين پيا، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انھن کان پاڻي جو ڦڙي ڦڙي جو عوام حساب وٺندو پاڻي نه ھجڻ ڪري خدشو آھي ته علائقي ۾ ڏڪار پيدا ٿيندو ۽ نتيجي ۾ بدامني جنم وٺندي. ايڪسيئن آبپاشي بھارالدين جماڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر بشارت ماھوٽو مسجد شريف ۾ آبادگار اڳواڻن مولوي محمد صديق مڱڻيجو، علي رضا چولياڻي سان ڳالھيون ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته آچر جي ڏينھن وارھ نصيرآباد جي سمورن شاخن جا درواز کوليا ويندا ۽ وارا بندي ختم ڪئي ويندي، ڳالھين دوران آبادگار پڪ ڪرڻ لاءِ ايڪسئين کان پاڪ ڪتاب تي واعدو ورتو ته پاڻي ڏيندي جنھن تي ايڪسئين پاڪ ڪتاب تي پڪ ڏياري ته ڏھن ڏينھن تائين متاثر علائقن جي شاخن جا دوارزا مڪمل کليل ھوندا.اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏنھن واعدا وفا نه ٿيا ته سومر جي ڏينھن چيف انجنئير آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.ڳالھين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.سماجي ورڪر حسين مڪا پاران ننگر ۽ ٿڌي پاڻي جي سبيل لڳائي ھزارين ماڻھن کي مٺو ۽ ٿڌو پاڻي پياريو.