گھوڙاٻاري (ن پ ا) ايس ايس پي ٺٽو ڊي آءِ بي ضلعي ٺٽي جي انچارج فيصل ميمڻ کي ھٽائي سندس جاءِ تي اي ڊي شيخ کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ته غلام الله مان منشيات جي ڊيلر وٽان پڪڙيل 600 ڪلو سوپاري خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ جوابدار سان ڊيل ڪري کيس آزاد ڪرڻ تان ايس ايس پي ٺٽو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي آءِ بي ضلعي ٺٽي جي انچارج فيصل ميمڻ ۽ بيٽ غلام الله جي اھلڪار ياسين بروهي کي ھٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ بي ضلعي ٺٽي لاءِ اي ڊي شيخ کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي ۽ راشد جت کي بيٽ غلام الله لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.