خيرپور: سول اسپتال خيرپور جيڪا سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران خيرپور واسين کي تحفي طور ڏني وئي آهي پر بدقسمتيءَ سان هن جديد اسپتال ۾ اڃا تائين جديد مشينري نصب ناهي ٿي سگهي. ذريعن موجب سول اسپتال ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت سان خريد ڪيل ميڊيڪل مشينري اڃا تائين کولي به نه وئي آهي. چيو پيو وڃي ته مشينرين کي هلائڻ لاءِ قابل ۽ ماهر عملو سول اسپتال ۾ مقرر نه آهي.