خيرپور: سول اسپتال خيرپور ۾ انتظاميه جي لاپرواهي خلاف شهرين پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ايڊووڪيٽ علي احمد ميمڻ، سماجي اڳواڻ شهناز شيخ، نويد ميمڻ، اسد عباسي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سول اسپتال ۾ ڪرپشن سبب سهولتن جي کوٽ آهي، جنهن سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدر ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته اسپتال جي موجوده ايم ايس جي ٽن مهينن دوران ڪيل ڪرپشن خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ درخواستون داخل ڪرايون آهن، اميد آهي ته نيب پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، هنن وڌيڪ چيو ته اسپتال جي ايم ايس جي ڪرپشن سبب اسپتال جون ليبارٽيون توڙي الٽرا سائونڊ ۽ ايڪسري ڊپارٽمينٽ ۾ سفارشي ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن، جتي سياسي سفارش وارن مريضن جون ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون پر غريب ۽ غير سياسي اثر رسوخ رکندڙ مريض خانگي ليبارٽرين ۾ ڳاٽي ڀڳيون فيسون ڀرڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن.