اڏامندڙ کٽولا ۽ انهن جي وڊيو حقيقي آهي: آمريڪا به تصديق ڪري ڇڏي

0
475

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) گذريل هڪ سال کان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اڏند کٽولن جون ڪجهه تصويرون آمريڪا جي بچاءُ اداري پينٽاگون به اصلي قرار ڏئي ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته اهي تصويرون اصلي آهين انهن کي ڪنهن به شخص جعلسازي سان نه ٺاهيو آهي. مسٽري وائر ڊاٽ ڪام جي صحافي نيپ اهي تصويرون جاري ڪيون هيون، پينٽاگون جي ترجمان سوزين گوخ چيو آهي ته وڊيو واقعي به اصلي آهي جيڪا گذريل سال آمريڪي نيوي جي اهلڪار نائٽ وزن ڪيمرا سان ٺاهي هئي، ان ۾ سائي رنگ جو آسمان آهي ۽ اڇي رنگ جي ٽڪنڊي شي اڏامندي نظر اچي ٿي ٻيون به نامعلوم اڏامندڙ شيون به موجود آهن، اهڙن واقعن جي نشاندهي ۽ تحقيق لاءِ منصوبو به آمريڪي فوج شروع ڪيو آهي جنهن جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهجن. اهو به نه ٿو ٻڌائي سگهجي ته اهي اڏامندڙ شيون ڪهڙيون ۽ ڇا آهي؟ ان تصديق کانپوءِ دنيا ۾ خلائي مخلوق تي يقين رکندڙ ماڻهن ۾ جوش جذبو وڌي ويو آهي.