پاڪستاني جبل چاڙهو سر باز خان ۽ عبدال جوشي تاريخ ٺاهي ڇڏي

0
725

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني جبل چاڙهو سر باز خان ۽ عبدال جوشي دنيا جي ڏهين بلند ترين چوٽي اناپورنا تي چڙهي ڪري تاريخ ٺاهي ڇڏي، نيپال ۾ واقع اناپورنا دنيا جي ڏهين وڏي چوٽي آهي جيڪا جنهن جي ڊيگهه 8091 ميٽر آهي ۽ هن کي ڀيرو ڪنهن پاڪستاني جبل چاڙهو چڙهائي ڪئي آهي، پاڪستان جي الپائن ڪلب پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سرباز خان ۽ عبدال جوشي اناپورنا چوٽي تي چڙهيا، ٻنهي پاڪستانين جو واسطو هنزا سان آهي، ايگزيڪٽو بورڊ جي صدر، الپائن ڪلب آف پاڪستان ٻنهي جبل چاڙهوئن کي شاندار ڪاميابي تي پڻ مبارڪباد ڏني..