بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين جي اپلائنسز ڪمپني ٽي سي ايل دنيا جو پهريون ويڙهي سگهجندڙ فولڊ اينڊ رول ايبل اسمارٽ فون جوڙي ڇڏيو آهي اهو فون ٻه مختلف ڊوائسز نه پر هڪ ئي فون آهي جنهن ۾ ڊسپلي جي طريقي کي ٻن مختلف نمونن ۾ پکيڙيو ويو آهي. رپورٽ موجب في الحال اهو موبائل پروٽوٽائپ يا ڪانسيپٽ ڊزائن آهي جنهن کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ڪمپني هلندڙ سال جي آخر تائين لچڪدار اسڪرين واري پهرين ڊوائس متعارف ڪرائڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. اهو آئوٽ ڊور فولڊر آهي جنهن ۾ موجود رول ايبل ميڪنزم اسڪرين کي پکڙڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ان فون جي اسڪرين 6.87 انچ جي آهي پر فون جي اسڪرين فولڊ ڪرڻ تي 8.85 انچ ٿي سگهي ٿي ائين اهو دنيا جي سڀ کان ڊگهي فولڊ اسڪرين وارو فون آهي.