سکر: تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏھين جي سالياني امتحانن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

0
373
امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن

سکر (ن پ ا) تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏھين جماعت جي سالياني امتحانن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، تعليمي بورڊ سکر جي سيڪريٽري رفيق پلهه جي صحيءَ سان شيڊول جاري ڪئي، نوٽيفڪيشن موجب نائين ۽ ڏھين سال 2021ع جا امتحان 05 جولا کان 17 جولاءِ تائين جاري رھندا، ڏھين جماعت جو پھريون پيپر 5 جولاءِ سومر ڏينھن سائنس ۽ جنرل گروپ جا شاگرد ڏيندا، اھڙي طرح نائين جماعت جو پھريون پيپر 7 جولاءِ اربع ڏينھن ورتو ويندو، فيل ٿيندڙ يا امپرووَ ڪندڙ نائين ۽ ڏھين جماعت جا شاگرد 12 جولاءِ کان پيپر ڏيندا.