باڊھ: تيزاب هاري زخمي ڪيل ماءَ ۽ ڌيءَ جي پلاسٽڪ سرجري ڪير ڪرائيندو؟

0
811

باڊهه: ڳوٺ دڙا واسي تيزاب سبب زخمي ٿيل عورت حاڪم زادي سندس 10 ورهين جي ڌيءَ سلميٰ شاهاڻي کي چانڊڪا اسپتال جي سرجيڪل يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو . چانڊڪا اسپتال ۾ عورت ۽ سندس ڌيءَ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو، آپريشن بعد عورت ۽ ڌيءَ جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. عورت ۽ سندس ڌيءَ جو هڪ هفتي بعد هڪ ٻيو پلاسٽڪ سرجري جو آپريشن ٿيندو. ان حوالي سان ڊاڪٽر سليم شيخ چيو ته پلاسٽڪ سرجري آپريشن جي لاڙڪاڻي ۾ سهولت موجود ناهي حيدرآباد يا ڪراچي ۾ آپريشن ٿي سگهي ٿو. متاثر عورت حاڪم زاديءَ جو چوڻ هو ته مسڪين آھيون، ماني کائڻ جا پئسا ناهن پلاسٽڪ سرجري نه ٿا ڪرائي سگهون.