ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور گرڊ اسٽيشن تان اغوا ٿي ويل سيپڪو ملازم سميت ٻه ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا ڪرمپور پوليس جميل احمد ٻرڙو ۽ آصف آرائين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، پوليس 10 موبائلن ۽ ٻن اي پي سي، چئن مشين سان  ڳوٺ گلو ميراڻي ۽ سبزوئي برادري جي گهرن تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو مختلف ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي سرچ آپريشن دوران مغوي هٿ نه اچڻ تي پوليس خالي هٿين واپس موٽي آئي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪرمپور ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ ڏوهارين جي ٿاڪن تي سرچ آپريشن ڪيو، مغوي هٿ نه اچي سگهيا ٻيهر آپريشن ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو. جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ پڻ ڪهرام متل آهي ٻه ڏينهن گزري وڃڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.