خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي جي رھواسين مزن مغيري، امداد مغيري، شمن مغيري، برڪت مغيري، محبوب مغيري، ايس ٽي پي اڳواڻ علي حسن جانوري، سڪندر کوکر جي اڳواڻي ۾ سنڌ حڪومت خلاف ڌرڻو ھنيو.، ان موقعي تي ھنن چيو ته 12 آڪٽوبر 2022 تي خيرپورناٿن شاھ مان لڏپلاڻ ڪري ويل ٻوڏ متاثرن ڪراچي مان واپس ڳوٺ اچي رھيا ھيا ته نوري آباد وٽ ڪوچ کي باھ لڳڻ سبب دوست محمد ڀرڳڙي جا رھواسي 19 ڄڻا سڙي شهيد ٿي ويا هئا، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ تعزيت ڪرڻ آيو هو جتي ھن شھيدن جي وارثن جي مالي سهائتا لاءِ اعلان ڪيو ھو، جنھن کي 10 مھينا گذرڻ باوجود اعلان تي عمل ناهي ٿيو.ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اعلان تي عمل نه ٿيو ته سنڌ حڪومت خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.