لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڀينس ڪالوني واسين 13 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي قادر بخش ميڻو، حور خاتون، مهناز خاتون، نور جهان، محرم ۽ ٻين چيو ته سندس ڀاءُ رحيم بخش ميڻو ٻه مهينا اڳ ميڻا واسڻ طلاقيل عورت سونيا سان ٻي شادي ڪئي هئي، جنهن ڳالھه تان سونيا جا وارث اسان جي ڀاءُ ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏيندا هئا، هنن الزام لڳايو ته گذريل 8 مئي تي ڀاءُ کي آبڙي واهه وٽان سونيا جي اڳوڻي مڙس عنايت، آصف ميڻو، سڪندر، بشير، برڪت، روشن ميڻو ۽ ٻين اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته پوليس دانهڻ باوجود ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن پورهيت کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.