لاهور (م ڊ) عمران خان جي سڏ تي سندس حفاظت لاءِ زمان پارڪ پهچندڙن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ نفاذ شريعت محمدي جو اڳوڻو ترجمان ۽ مولانا صوفي محمد جو ويجهو ساٿي اقبال خان به شامل آهي. ذريعن موجب اقبال خان ٽن ڏينهن کان زمان پارڪ ۾ موجود هو، اقبال خان ماضي ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هو. کيس 2010ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، 12 سال جيل ۾ رهيو، 2022ع ۾ آزاد ٿيو، پوءِ سوات ۾ چيئرمين جي چونڊ وڙهيو ۽ پوءِ تحريڪ انصاف جو حصو بڻيو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن زمان پارڪ وڃڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته منهنجو تعلق تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪنهن به پارٽي سان ناهي، منهنجو پابندي پيل تنظيم سان تعلق نه آهي.