لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جون خبرون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ڪو جاني نقصان نه ٿئي پر جڏهن فيصلو ٿيندو ته عمران خان کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويندو. نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ۽ سي سي پي او لاهور بلال ڪمياڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو ته ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير صوفي محمد جي پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ميمبر کي پارٽي ۾ شامل ڪيو، هو دهشتگرد آهي، جيڪو 8 سال جيل ڪاٽي چڪو آهي، هاڻي زمان پارڪ ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته جاني نقصان کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ٽن کان چئن ڪلاڪن ۾ کيس گرفتار ڪري وٺنداسين، ان موقعي تي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته پوليس کي هٿيار نه هئا، آفيسرن سميت 58 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪن پنهنجن ساٿين جي ڪاررواين سان زخمي ٿيا، گلگت بلتستان جي پوليس سان ڪابه جهڙپ نه ٿي، عدالتي فيصلي تي 100 سيڪڙو عملدرآمد ٿيندو. پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن گاڏين کي ساڙيو، رينجرز تي حملا ڪيا، انهن سمورن واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.