لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. مسلم ليگ(ن) پنجاب جي سمورين سيٽن تان پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. نوازشريف جون شهباز شريف ۽ مريم نواز سان پنجاب اسيمبلي چونڊن تي ڳالهيون ٿيون. مسلم ليگ (ن) پنجاب جي سمورين سيٽن تان پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو. مريم نواز سموري پنجاب ۾ اميدوارن جي چونڊ تي سفارشون نواز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ جي حتمي اميدوارن جي چونڊ پارلياماني بورڊ جي سفارشن ۽ انٽرويو کان پوءِ ٿيندي. نوازشريف پارلياماني بورڊ جي پاڻ صدارت ڪندو. ذريعن موجب نوازشريف ڳالهين ۾ چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏنيون وينديون. هن يقين ڏياريوته پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ وقت نظرياتي ڪارڪنن کي نظرانداز نه ڪندي.