ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ  چيو آهي ته پاڪستان جو روس سان  تيل خريداري بابت معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان پنهنجي گھرج جو هڪ ڀاڱي ٽي  حصو (33 سيڪڙو) تيل روس کان خريد ڪندو، ڪالهه هتي ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪوٺايل ڊائلاگ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مقامي صنعتن کي تحفظ ڏيڻ سان شيون سستيون ٿينديون آهن،  پيداوار وڌائڻ سان خوشحالي ايندي آهي، هن چيو ته ٽيرف جو تحفظ خوشحالي ناهي هوندي، هن چيو ته سستي قرض اسڪيم ۾ 600 ارب رپين جون فيڪٽريون ته لڳايون ويون پر اهي فيڪٽريون هلائڻ  لاءِ اسان وٽ گيس ناهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن فرٽيلائيزرز ڪمپنين کي سعودي عرب ۽ بحرين کان به سستي گيس مهيا ڪري ٿو،  هن چيو ته گيس جي شعبي ۾ امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ ٽيرف ڪيا ويا آهن، گيس جو جيترو بِل غريب ڏيندو، ان کان چئوڻ تي وڌيڪ بِل امير کي ڏيڻو پوندو، هن چيو ته اسان مقامي گيس جو سرڪيو لر ڊيٽ  (گردشي قرض) ختم ڪري ڇڏيو آهي.نيپرا  چيئرمين توصيف احمد چيو ته اسان وٽ ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ  جي صلاحيت آھي، ٻارڻ جي گھرج پوري ڪرڻ لاءِ وسيلا نه ھجڻ سبب لوڊشيڊنگ ڪريون ٿا،  ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي چيو ته ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن جي مد ۾ ايندڙ ستن سالن ۾ 484 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪنداسين،  بجلي جي قيمت گھٽائڻ  لاءِ 30 سيڪڙو متبادل توانائي تي منتقل ڪنداسين ـ  ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ ٻين  خطاب ڪيوـ