ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي ۾ ميئر آڻڻ لاءِ پيپلزپارٽي ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي، جماعت اسلامي جي امير سان پهرين ملاقات: ميئر تي اتفاق نه ٿيو ، ٻنهي پارٽين پاران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، ڪالهه پيپلزپارٽي جو وفد صوبائي وزير سعيد غني جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز اداره نور حق تي پهتو، وفد ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ پ پ پاران ڪراچي ۾ ميئر جو اميدوار نجمي عالم شامل هئا، هنن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافط نعيم الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ِ ميئر جي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پيپلزپارٽي جي وفد جماعت اسلامي کي اتحاد جي آڇ ڪئي، ذريعن موجب جماعت اسلامي پ پ کي  في الحال اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ملاقات دوران جماعت اسلامي مڪاني چونڊن واري ڏينهن ۽ انهي کانپوءِ واري صورتحال تي تحفظات جو  اظهار پڻ ڪيو، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پ پ  وفد سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آھي، اسان کين اليڪشن واري ڏينهن ٿيل واقعن  بابت ٻڌايو آھي،  اسان اليڪشن ڪميشن کي به لکيو آھي، اسانکي فارم 11 ۽ 12 جي حاصلات ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي، ٻيھر ڳڻپ وارو عمل اڃا جاري آھي پر انهي جي آڙ ۾ غير قانوني ڪم ٿي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن اسانجي درخواست تي 23 جنوري تي فيصلو ڪندي، اسان  پ پ جي دوستن آڏو پنهنجن تحفظات جو اظھار ڪيو آهي، اليڪشن کانپوءِ واري صورتحال ۾ آر او،  ڊي آر اوز ۽ سنڌ حڪومت ذميوار آھن ـ اھي جيڪڏهن چاھين ته ڪافي مسئلا حل ٿي وڃڻ گھرجن ها، هن چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي جي اميد آهي، اسين ٻين جو مينڊيٽ تسيلم ڪريون ٿا، جماعت اسلامي جيڪڏهن نمبر ون پارٽي آئي آھي ته ضروري ناھي جو ھن جا نمبر اڳتي پوئتي ڪيا وڃن، اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪيو وڃي، اميد آهي ته پ پ جا دوست تحفظات ختم ڪندا، هن چيو ته سعيد غني بهتري جي خاطري ڪرائي آهي،  جڏهن  شيون بهتر ٿينديون ته پ پ سان ڳالهين کي اڳتي وڌائبو، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته حافظ نعيم سان ڪالهه وڏي وزير ڳالهايو ھو ، اسان کيس جماعتي آفيس اچڻ لاءِ گذارش پڻ  ڪئي ھئي، هن چيو ته  پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي  جو گڏجي هلڻ  شھر لاءِ بهتر هوندو، هن چيو ته اليڪشن دوران سمورو عملو حڪومت نه پر اليڪشن ڪميشن جي ماتحت ھوندو آھي، انهي باوجود اسان کين خاطري ڪرائي آھي ته ڪٿي به سنڌ حڪومت اعتراض ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي ته ڪنداسين،  اليڪشن ڪميشن 23 جنوري تي اسانجي خلاف به فيصلو  ڏنو ته اسين قبول ڪـنداسين، اسان چاھيون ٿا ته جماعت اسلامي سان گڏجي ڪم ڪريون، جماعت اسلامي به ضرور چاھيندي  ته اھڙو ڪو عمل نه ٿئي جو ڪارڪنن ۾ انتشار پکڙجي،  هن چيو ته ڳالهين جو سلسلو اڳتي به جاري رهندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تي پي ٽي آءِ جا الزام اجايا آھن، ڪنهن به اداري جي وس ۾  ناھي ته سڀني کي راضي ڪري سگھي هوڏانهن ڪالهه صبح جو پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان الزام هنيو هو ته ٻيهر ڳڻپ جي آڙ ۾ پيپلزپارٽي ڌانڌلي ڪرڻ چاهي ٿي.