اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي دوري تي آيل روس جي توانائي واري وزير، وزيراعظم شهباز شريف کي صدر ولاديمير پيوٽن جو خاص پيغام پهچايو. وزيراعظم شهباز شريف سان روس جي توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي معاملن تي سهڪار ۾ پاڪ – روس دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ انرجي سيڪٽر جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو ۽ روس طرفان پاڪستان کي ڊگهي مدي جي بنياد تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران گئس پائپ لائنن بابت معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پڌرائيءَ موجب روسي وزير، وزيراعظم شهباز شريف کي صدر ولاديمير پيوٽن جو خاص پيغام پهچايو، روسي صدر پيغام ۾ پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ اهم روسي ڀائيوار قرار ڏنو. روسي صدر پاڪستاني وزيراعظم لاءِ پنهنجي پيغام ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي دلچسپي جي عزم جو اظهار ڪيو.