ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) ڪنهن شخص جي زندگي جو اهو لمحو ناقابل يقين لمحو ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو پهريون ڀيرو اکين سان ڪجهه ڏسندو هجي يا ڪنن سان پهريون ڀيرو ڪو آواز ٻڌندو هجي. سوشل ميڊيا جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم 15 سالن جي نينگر کي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن پهريون ڀيرو آواز ٻڌو ته بي وس ٿي روئڻ لڳو. دلين کي موهيندڙ ۽ اکين ۾ ڳوڙها آڻيندڙ ان وڊيو ۾ جڏهن نينگر ڊاڪٽر جو آواز ٻڌو ته پهريان ته هو گهڻو خوش ٿيو ۽ پوءِ روئي ڏنو. وڊيو ڪلپ ۾ عورت ڊاڪٽر کي نينگر جي ڪنن ۾ ڪوڪليئر امپلانٽ ۾ مائڪرو فون لڳائيندي ڏٺو ويو آهي، جيئن ئي اها ٻڌڻ جو اوزار لڳائي ٿي، نينگر آواز ٻڌڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو خوشيءَ ۾ پرجوش ٿي وڃي ٿو، ۽ پوءِ اوچتو روئڻ لڳي ٿو. ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مرد ۽ هڪ عورت هن جي ويجهو وڃي کيس گرمجوشيءَ سان ڀاڪر  پائين ٿا. وڊيو شيئر ڪندڙ واهپيدار لکيو ته نينگر کي ٻالڪپڻ کان ئي ٻڌڻ جو مسئلو هو.