پيرس (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا جي ٻڍڙي ترين عورت لوسيل رينڊن 118 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب دنيا جي ٻڍڙي ترين عورت لوسيل رينڊن 118 سالن جي عمر ۾ فرانس جي شهر ٽولان ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سينٽ کيٿرين ليبر نرسنگ هوم جي ترجمان تصديق ڪندي چيو ته لوسيل رينڊن لاڏاڻو ڪري وئي آهي اها گهڻي افسوسناڪ خبر آهي، رينڊن جنهن کي آندري جي نالي سان به ڄاتو ويندو هو. لوسيل رينڊن 11 فيبروري 1904ع تي فرانس ۾ پيدا ٿي هئي، هن ٻئي عالمي جنگيون ڏٺيون، ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ 108 سالن جي عمر تائين ڪم ڪار ۾ پاڻ کي مصروف رکيو. گنيز ورلڊ رڪارڊ اپريل 2022ع ۾ جاپان جي 119 سالن جي ڪين تاناڪا جي موت کانپوءِ رينڊن کي دنيا جي ٻڍڙي ترين عورت تسليم ڪيو ويو هو. لوسيل رينڊن جي لاڏاڻي کانپوءِ دنيا جي ٻڍڙي ترين عورت جو اعزاز ماريه برانيس موريراڪو کي ملي ويو آهي، جنهن جي عمر 115 سال آهي ۽ اها آمريڪا ۾ پيدا ٿي، هاڻي اسپين ۾ رهائش پذير آهي.