قادرپور (ن پ ا) قادرپور لڳ ڳوٺ حاجي جانب چاچڙ ۾ مينهن جي کير ڏهڻ جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ اڪبر گهوٽوطرفان چيلينج ڪيو ويو هو، کير ڏيڻ جي مقابلي ۾ اڪبر گهوٽو جي مينهن 13 ڪلو کير ڏنو ۽ نصيراحمد چاچڙ جي مينهن 14ڪلو 88 گرام کير ڏئي مقابلو کٽي ويو ۽ علائقي جا سڀ رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا، ان موقعي ي نصير احمد چاچڙ کي هار پارايا ويا.