لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آپڪا جي سڏ تي پاپوليشن اينڊ ويلفيئر کاتي جي ملازمن قلم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي  عبدالوحيد چانڊيو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته اسين مختلف وقتن تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندا پيا اچون پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن اپيل ڪئي ته ضلعي آفيسر عبدالڪريم ڀٽو سميت سنڌ ۾ جونيئر آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ملازمن جا جائز مطالبا تسليم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.