گھوڙاٻاري (ن پ ا ) گھوڙاٻاري جي مرڪزي شهر ور ۾ ٻن ڏينهن واري علي محمد چانڊيو ڪتابي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ تاريخي، علمي، ادبي، شاعري، ناول نگاري، اسلامي تاريخ ۽ ٻارڙن جي ڪهاڻين جا مجموعا رکيا ويا، ميلي ۾ شهر جي شاگردن، استادن، ڊاڪٽرن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سڄاڻ ڌرين جي آمد جو سلسلو شروع ٻن ڏينهن واري لڳايل ڪتابي ميلي کي شهر جي سڄاڻ ڌرين سٺو سنئوڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ ڪتابن ۽ علمي رجحان پيدار ڪرڻ جو بهترين موقعو قرار ڏنو آهي. عوامي تحريڪ اڳواڻ عبدالرزاق چانڊيو، عبدالله چانڊيو، لال چند مھيشوري، سينيئر صحافي مير ممتاز جاڙو، صحافي سيد امير شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين ميلي جو افتتاح ڪيو. سنڌ ڪلچرل فورم جي سرواڻ صادق لاکو چيو ته ڪامريڊ علي محمد چانڊيو گھوڙاٻاري تعلقي جي وڏي سماجي شخصيت ھو ۽ پليجي جي فڪر سان تعلق رکندڙ ھن سماجي حلقن ڀلائيءَ جون وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون اھڙي ڪردارن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. ميلي ۾ شاعر اديب محمد مارو خشڪ، ڊاڪٽر حبيب خواجه، ڌڻيءَ بخش لاشاري سميت مختلف اسڪولن جي شاگردن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ عبدالرزاق چانڊيو، الله بخش بلوچ، عبدالله چانڊيو، پنھون خان بلوچ، لال چند مھيشوري، مجاهد بلوچ ۽ ٻين چيو ته ڪتابي ميلو شهر ۾ خاص ڪري شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ اهميت جوڳو آهي ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي جنهن کي پڙهڻ سان هو پنهنجي علمي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ سان هو پنهنجي ملڪ ۽ دنيا بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.