ٽنڊوالهيار (رپورٽر) مڪاني چونڊن کانپو۽ تحريڪ انصاف ٽنڊوالهيار ۾ گروپ بندي جو شڪار ٿي وئي اهي، ان ڏس ۾ پي ٽي آئي جي اڳوڻي ضلعي صدر نديم حاجاڻو ۽ اڳوڻي وائيس چئرمين شيرجمال ناهيو پريس ڪانفرنس ڪندي ٽنڊوالهيار ۾ پي ٽي آئي جي شڪست جو ذميوار علي پلھ کي قرار ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آئي جي فائونڊر ميمبر ۽ اڳوڻي ضلعي صدر نديم حاجاڻو  ۽ اڳوڻي وائيس صدر شيرجمال ناهيون پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل عام چونڊن ۾ علي پلھ اينٽي پ پ ووٽ کنيا هن ڀيري هو 10 هزار ووٽ به نا کڻي سگهندو هن انڪشاف ڪيو ته مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آئي ضلعي جي صدر اسلم لغاري پيپلزپارٽي سان هٿ ملائي پ پ اميدوار جي حق ۾ ويهي رهيو جي اگر اسلم لغاري هٿ نا کڻي ها ته علي پلھ جا واٽر ڪورس بند پي ٿيا هن چيو ته علي پلھ پي ٽي آئي ۾ جيڪي عهديدار چونڊرايا آهن اهي هن جا ملازم آهن هنن وڌيڪ چيو ته علي پلھ ۽ هن جا ملازم عهديدار ٽنڊوالهيار ۾ پي ٽي آئي جي شڪست جا ذميوار آهن علي پلھ هڪ جاگيردار وڏيرو آهي جنهن کي فقط پهنجي زمينداري جو لاچار آهي علي پلھ اينٽي پ پ ووٽرن ۾ به هاڻ پهنجي اھميت وڃائي چڪو آهي هنن تحريڪ انصاف جي چئرمين عمران خان کان مطالبو ڪيو ٽنڊوالهيار ۾ ٻيهر تنظيم سازي ڪرائي پارٽي کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي