ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ پ پ بدران پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جماعت اسلامي جي ورڪنگ ڪاميٽي مجلس عامله جو اجلاس منصوره لاهور ۾ ٿيو. نجي ٽي وي موجب اجلاس ۾ امير سراج الحق وڊيو لنڪ وسيلي شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي مڪاني چونڊن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پ پ کي ڪنهن به صورت ۾ مينڊيٽ چوري ڪرڻ نه ڏنو ويندو، جماعت جون اصل کٽيل سيٽون هر صورت ۾ وٺڻ تي حڪمتعملي جوڙي وئي، فيصلو ڪيو ويو ته پ پ سان جماعت جون کٽيل سيٽون واپس وٺڻ بعد ميئرشپ تي ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ۽ ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. پي ٽي آءِ سان اتحاد جي صورت ۾ ميئر جماعت اسلامي جو ۽ ڊپٽي ميئر پي ٽي آءِ جو هوندو. پ پ پاران کٽيل سيٽون نه موٽائڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پ پ پهرين تڪبندين ۾ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ڪئي پوءِ اليڪشن جي ڏينهن ٺپا لڳايا ۽ وري کٽيل نتيجا تبديل ڪيا. پ پ ايم ڪيو ايم سان جيڪو سلوڪ ڪيو اهو سڀاڻي جماعت اسلامي سان به ڪري سگهي ٿي.