اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پوليس ۽ ايف سي جي نفري کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي، اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب سنڌ پوليس ۽ ايف سي جي نفري به واپس اسلام آباد طلب ڪئي پئي وڃي، ايندڙ ٻه هفتا عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين تي معذرت ٿا ڪيون. ترجمان چيو ته اهو فيصلو امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، عوام کي رنڊڪون پيش اچي سگهن ٿيون، جڏهن ته اسلام آباد جا سمورا رستا هن وقت اچ وڃ لاءِ کليل آهن.