ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي  جي ڪاري کھي واري علائقي جي رھواسڻ 14 سالن جي نينگري ماجدا چانڊيو سان مبينا اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي،  ناري جي ماءُ جي فرياد تي پوليس ناري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء ليٽر ڏئي اسپتال موڪلي ڇڏيو. ناري جي ماء مسمات ساجدا چانڊيو جو چوڻ آھي ته جوابدارن علي، رضا محمد ، منصور ۽ ٻن ٻين ھٿيارن جي زور تي اسان جي گھر ۾ داخل ٿي اسان کي واش روم ۾ بند ڪري منھنجي ڌي ماجدا کي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو آھي. ھن موجب 6 ڪلاڪن کان ڪوٽڙي ٿاڻي تي ويٺا رهياسون جنهن کان پوء پوليس ڪيس داخل ڪيو آھي. ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻي پاسي پوليس موجب ناري سان زيادتي واري معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته نينگري جو ميڊيڪل ڪرايو آھي پر اڃان تائين رپورٽ ناھي آئي جڏھن ته ٻن جواڀدارن رضا محمد ۽ علي چانڊيو کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آھي.