اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت نومبر لاءِ ايل پي جي جا اگهه وڌائي ڇڏيا، اوگرا طرفان نومبر جي مهيني لاءِ ايل پي جي جا اگهه وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نومبر ۾ ايل پي جي في ڪلو اگهه ۾ ٻه رُپيا 95 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا هلندڙ مهيني لاءِ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 204 رُپيا 16 پئسا مقرر ڪئي آهي، گهريلو سلينڊر جي قيمت 2409 رُپيا 16 پئسا آهي جيڪا آڪٽوبر ۾ 2374 رُپيا 25 پئسا هئي.