ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان الڳ ٿيڻ تي غور ڪرڻ لڳي، ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ڪالهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾  موجوده حڪومت سان ٿيل معاهدي تي غور ويچار ڪيو ويو، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جي ڪجهه ميمبرن چيو ته جيڪڏهن حڪومتي اتحاد ۾ رهندي مڪاني چونڊن ۾ وينداسين ته عوام موٽ نه ڏيندو، جنهن جو پ پ کي  فائدو ٿيندو، پ پ پاران تڪ بندين ۾ اڳ ۾ ئي ايم ڪيو ايم سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي، ٻيو ته هن حڪومت جو حصو بنجڻ کانپوءِ گورنرشپ کانسواءِ ڪراچي کي ڪجهه ناهي مليو، انهي ڪري بهتر اهو رهندو ته سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ واري فيصلي کي ملتوي ڪري عارضي طور وفاقي حڪومت کان  به پاسيرو ٿي وڃجي ته جيئن مڪاني اليڪشن ۾ آساني سان پ پ مخالف سياست ڪري سگهجي، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم قيادت کي اليڪشن ڪميشن جي مڪاني  چونڊ کي ملتوي ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت جي درخواست تي فيصلي جو انتظار آهي، امڪان آهي ته متهده اڄ حتمي فيصلو ڪندي پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي ويندي. متحده جي گورنر هائوس ۾ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ عامر خان کي دعوت ئي نه ڏني وئي، جنهن بابت سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو ته گورنر هائوس ۾ ٿيل اجلاس جوکيس  علم ناهي، اجلاس لاءِ مون کي ڪوبه پيغام نه آيو، ٻئي طرف نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اڳوڻي ميئر وسيم اختر چيو ته جڏهن نڪرڻ جو وارو آيو هو ته پي ٽي آءِ حڪومت مان به نڪري ويا هئاسين، هن حڪومت مان به تنگ ٿي وياسين ته ساٿ ڇڏي ڏينداسين، اسان هن وقت  انهي سطح تي پهچي ويا آهيون، هن چيو ته مسئلا حل ڪرڻ  جي ڪوشش ڪريون پيا، وسيم اختر چيو ته ڇا مرتضيٰ وهاب مون کانپوءِ ڊليور ڪيو،؟ اسان جا ووٽر ڄاڻن ٿا اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي، صحيح تڪبندين بعد مڪاني چونڊون ٿينديون هن چيو ته اسان جون به غلطيون آهن جيڪي تسليم ڪريان ٿو پر اسان ميدان ڇڏي نه ڀڄنداسين، ڪراچي جا ماڻهو اسان کي ته معاف ڪري ڇڏيندا، هنن کي معاف نه ڪندا. پ پ ۽ نواز ليگ سان  معاهدي تي پڇتائي رهيا آهيو هنن ڪي به واعدا پورا ناهن ڪيا.