اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي ميمبرن نشتر اسپتال ۾ لاشن ملڻ واري مامري کي ايوان ۾ اٿاريندي لاشن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽  خدشو ظاهر ڪيو ته اهي لاش لاپتا ماڻهن جا ٿي سگهن ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهريٰ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته ملتان جي نشتر اسپتال جي ڇت تان لاش مليا آهن، پر اڃا تائين ان مامري تي ڪو جواب سامهون نه آيو آهي، لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وڃي، ڏٺو وڃي ته مليل لاشن ۾ ڪو لاپتا ماڻهو ته نه آهي، پيپلز پارٽي جي عبدالقادر مندوخيل چيو ته ڪڏهن ڇا ٻڌو ويو ته اسپتال ۾ علاج ٿي رهيو آهي ۽ مٿان لاش پيا آهن، جن کي ڳجهون ۽ پکي کائي رهيا آهن، ان اسپتال جو سربراهه پنهنجي رد عمل ۾ مجرم لڳي رهيو هو، هي ڪهڙو تجربو ٿي رهيو هو؟ ان مامري تي پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي وڃي، آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪئي وڃي، گهرو مامرن جي مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ان مامري تي صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ان مامري جا تفصيل سامهون اچڻ گهرجن، ڊي اين اي ٿيڻ گهرجي ته جيئن معلوم ٿئي ته لاش ڪنهن جا آهن، حڪومتي اتحادي محسن داوڙ چيو ته لاش ڪٿان آيا؟ ڪير کڻي آيو هو؟ مڪمل رپورٽ اچڻ گهرجي، مامرو قومي اسيمبلي جي گهرو ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، جي يو آءِ جي مولانا جمال الدين چيو ته اهڙو واقعو ڪنهن معاشري ۾ نه ٿو ٿي سگهي، انهن لاشن ۾ قبائلي ماڻهو ته شامل ناهن.