اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ تي ايندڙ خرچن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا، نواز ليگ جي برجيس طاهر جي سوال جو لکت ۾ جواب پيش ڪندي گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله قومي اسيمبلي کي ٻڌايو  ته لانگ مارچ  دوران اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ڪرائي تي ڪنٽينر ۽ گاڏيون وٺڻ جي مد ۾ 21 ڪروڙ 70 لک 10 هزار 351  رپيا خرچ ٿيندا، جڏهن ته آنسو گيس تي 3 ڪروڙ 15 لک 96 هزار 624  رپيا، سيڪيورٽي اهلڪارن جي کائڻ پيئڻ تي 4 ڪروڙ 78 لک 78 لک 92 هزار 770 رپيا خرچ ٿيندا ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ 4 ڪروڙ 5 لک 90 هزار رپيا خرچن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، مجموعي طور تي 33 ڪروڙ 70 لک 89 هزار 745 رپيا لانگ مارچ تي خرچ ٿيندا.