سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر سول اسپتال مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو بازياب نه ٿي سگھيو، ڊي سي سکر اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کان ٽن ڏينھن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي. ايس ايس پي سکر طرفان واقعي واري ھنڌ جو معائنو، جي ايم سي پرنسپل، ايم ايس ۽ ٻين کان معاملي بابت ڄاڻ ورتي. ڊاڪٽرز، سيڪيورٽي، وارڊ جي عملي ۽ ٻين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. تفصيل موجب سول اسپتال سکر جي ٻارڙن واري وارڊ مان 3 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل 16 ڏينھن جي ٻارڙي غالب ولد عبدالغني گولو کي پوليس بازياب ناھي ڪرائي سگھي. ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم معاملي جو نوٽيس وٺندي سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻيءَ کي ليٽر لکي ٽن ڏينھن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ايم ايس ڊاڪٽر خميساڻي، ڊي سي سکر کي جوابي ليٽر لکي آگاھي ڏني آھي ته معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آھي. اھڙي ليٽر بعد ايم ايس سول اسپتال سکر طرفان چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آھي. ايم ايس سکر طرفان ڊي سي کي اماڻيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته 11 آڪٽوبر تي ڪنڌڪوٽ واسي 16 ڏينھن جي ٻارڙي غالب ولد عبدالغني گولو کي ٻارن جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو ھو، 13 آڪٽوبر تي ھڪ نامعلوم عورت ٻارڙي جي ڏاڏيءَ سان گڏ اسپتال ۾ داخل ٿي، جيڪا وجھه وٺي ٻارڙي کي کڻي ھلي وئي. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي عملي ٻڌايو ته ٻارڙي جي خالا سڏرائيندڙ عورت کيس کڻي وئي آھي. معاملي متعلق  انڪوائري ڪاميٽي جوڙي آھي ۽ ٽن ڏينھن اندر تفصيلي رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرائي ويندي. ٻئي طرف ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ٻارڙن جي انتھائي نگھداشت واري وارڊ جو دورو ڪيو. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته معامري جي جاچ لاءِ اي ايس پي سٽي جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم تشڪيل ڏني وئي آھي. جڏھن ته ڪاليج انتظاميا پاران پڻ ڊاڪٽرز تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آھي. ڊاڪٽرز، نرسن، سيڪيورٽي عملي، وارڊ ۾ موجود ماڻھن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آھن. وارثن طرفان ظاھر ڪيل خدشن کي نظر ۾ رکندي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.