ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ۾ شاگردياڻي سان مبينا جنسي زيادتي ۽ سندس تصويرون وائرل ڪرڻ جو 3 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، وارثن تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ، شاگردياڻي چيو آهي ته عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، زيادتي ڪندڙن کي ضرور سزا ملندي، خبر موجب شهر جي ڪرنالي پاڙي واسي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي بسمه ميمڻ  سان مبينا جنسي زيادتي ۽ سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري معاملي جو متاثر شاگردياڻي جي فرياد تي ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ عمران راجپوت، سندس ڀاءُ ممتاز راجپوت ۽ فيس بوڪ جي آءِ ڊي استعمال ڪندڙ سرمد ميمڻ کي جوابدار نامزد ڪيو آهي، ڪيس جو مک جوابدار عمران راجپوت اڳواٽ ئي گرفتار ٿيل آهي، جڏهن ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، شاگردياڻي بسمه ميمڻ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مان ٿاڻي تي ويس ۽ بااثرن ڏانهن ميڙ ٿي ويس پر ڪنھن به مدد نه ڪئي، هن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار مون سان ٿيل زيادتي جي رپورٽ هلائي جنهن تي سيشن جج ۽ ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو، جنھن ڪري جوابدارن مٿان ڪيس داخل ٿيو آهي، هن چيو ته عدالتن مان اميد آهي ته منھنجي زندگي تباهه ڪندڙن کي سزا ضرور ملندي، هن چيو ته جوابدار ڌر منھنجي وارثن تي مختلف ڌرين معرفت راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن شهر جي ڪرنالي پاڙي واسي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي بسمه ميمڻ کي شادي جو ڏٽو ڏئي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي اعتراض جوڳا فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيا ويا هئا.