دادو (رپورٽر) ايس ايس پي دادو عرفان سمون ڊي آءِ بي برانچ دادو جي انچارج، انسپيڪٽر عبدالستار ميراڻي سميت 12  اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي،   معطل ڪيل اهلڪارن جو چوڻ آهي ته کين حڪم مليو ته ڌامراھ کان ٽينٽ ۽ راشن سان ڀريل 8 ، ٽرڪون پوليس سيڪيورٽي ۾ وصول ڪري  اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ تائين پهچايون وڃن، جنهن کانپوءِ اسان اهي ٽرڪون ڪسٽڊي ۾ ڪري ميهڙ جي ايس ايچ او جي موجودگي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ وٽ پهچايون ۽ اسان اتان دادو لاءِ واپس ٿياسين ته رستي تي پڇا ڪئي وئي ۽ اتي وائرليس تي اسان جي معطلي جو اطلاع ڏنو ويو آهي، معطل اهلڪارن موجب اصل ۾ اهي ٽرڪون ڪنهن ٻئي هنڌ پهچائڻيون هيون، جيڪي غلطي سان اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ وٽ پهچايون، جنهن ڪري معطل ڪيو ويو آهي،  ذريعن موجب ايس ايس پي دادو جي حڪم تي ميهڙ پوليس فوري طور اسسٽنٽ ڪمشنر وٽ پهچي سامان جون ٽرڪون پنهنجي تحويل ۾ وٺي واپس ڪيون ويون، اهي سامان جون ٽرڪون پوليس وٽ ڌامراھ کان ڪئين ۽ ڪٿان پهتيون  ۽ اهي ٽرڪون ڪٿي پهچائڻيون هيون؟ ان ڳالھه کي انتهائي رازداري ۾ رکيو ويو آهي، ڊي سي هائوس دادو اهڙين ٽرڪن بابت لا علمي جو مظاهرو ڪندي چيو ته هن کي اهڙي سامان جي ٽرڪن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي.