واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان جو دورو ڪرڻ بعد آمريڪي ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن ٻوڏ متاثرن جي صورتحال تي آمريڪي نمائندن جي ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته حد نگاهه تائين پاڻي ئي پاڻي، ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو، پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ تيزي سان بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ڪانگريس رڪن ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد لاءِ  اپيل ڪئي ۽ ايوان کي پاڪستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جون تصويرون ڏيکاريون ۽ چيو ته اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هي تاريخي موقعو نه وڃائڻ گهرجي. هن امداد گڏ ڪرڻ لاءِ مهم به هلائي.