روهڙي (رپورٽر) روهڙيءَ ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ٽنڊو ٻوراهو ۾ 18 سالن جي نوجوان پاڻ تي پستول جو فائر ڪري مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان علي نواز پٽ محمد نواز ڪلھوڙي پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان خودڪشي ڪئي آهي. اطلاع ملڻ تي پٽڻي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙيءَ مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.