شهدادپور (ن پ ا) شھدادپور لڳ نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ٽوھ ڀاڻوجو ۾ 20 ورهين جي نوجوان رفيق پٽ حاڪم ڀاڻوجو مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سما اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي سيني ۾ گولي لڳل هئي، جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو، ٻئي طرف وارث نوجوان جو مڙھ بنا ڪارروائي واپس ڳوٺ کڻائي ويا.