شهدادپور (ن پ ا) شھدادپور لڳ نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو،  ان ڏس ۾  ڳوٺ ٽوھ ڀاڻوجو  ۾ 20 ورهين جي نوجوان رفيق پٽ حاڪم ڀاڻوجو مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سما اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو،  ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي سيني ۾ گولي لڳل هئي، جنهن سبب سندس  موت واقع ٿيو، ٻئي طرف وارث نوجوان جو مڙھ بنا ڪارروائي واپس ڳوٺ کڻائي ويا.