دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ٻٽڙا لنڪ روڊ پوليس/  مبينا مقابلي ۾ ميهڙ واسي طفيل پٽ عبدالستار ٻرڙو کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي ، بي سيڪشن پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل طفيل ٻرڙو کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو آهي ، ايس ايس پي عرفان علي سمون جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته دادو ، ٻٽڙا لنڪ روڊ تي جمع جي رات دير سان 3 هٿياربند ڏوھ جي ارادي سان بيٺا هئا جن گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي سڌي فائرنگ ڪئي ، جوابي فائرنگ طفيل ٻرڙو کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو آهي ، سندس 2 ساٿي ڀڄي ويا آهن ، جن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن ، ايس ايس پي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل طفيل ٻرڙو ، ڦر ، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جي 11 ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل طفيل ٻرڙو جو چوڻ آهي ، کيس ميهڙ پوليس گرفتار ڪري دادو پوليس حوالي ڪيو جن رات ڄنگھ ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو آهي ، پوليس مقابلو ناهي ٿيو نه ڏوهاري آهيان