ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اُڀرندڙ ادڪارا جهانوي ڪپور چيو آهي ته جيڪڏهن کيس انڊسٽري جي ٽن خانن شاهه رخ، سلمان ۽ عامر سان مک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو ته کيس عجيب محسوس ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو دوران نوجوان ادڪارا چيو ته شاهه رخ خان، سلمان ۽ عامر بالي ووڊ جا تمام وڏا ستارا آهن ۽ مان ساڻن ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. جهانوي ڪپور چيو ته شايد ئي ڪو اهڙو شخص هوندو جيڪو انهن ٽنهي سان گڏ ڪم نه ڪرڻ چاهي پر جيڪڏهن مان سندن هيروئن بڻيس ته ٿورو عجيب لڳندو. هن چيو ته منهنجي آن اسڪرين ڪيمسٽري، رنبير ڪپور ۽ ورون ڌون سان وڌيڪ سٺي رهندي، مان انهن سان گڏ فلمن چڱي نظر اينديس. جهانوي ڪپور وڌيڪ چيو ته چيو ته عاليه ڀٽ پسند اٿم ۽ هن پنهنجي اداڪاري ۽ شخصيت سان تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.