تلهار(ن پ ا) تلهار پوليس پاران منشيات فروشي جي الزام ۾ 3 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايچ او تلهار ٻڌايو ته ڪجهه نوجوان پنهنجي گاڏي تي پريس لکرائي هڪ نجي ٽي وي چئنل جا لوگا کڻي منشيات جو ڪاروبار ڪن ٿا، جن ۾ اويس ملاح رپورٽر نجي ٽي وي ،پرويز ملاح ۽ خليل احمد ملاح کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 50پاڪيٽ جن ۾ 5500سفينا پڙيون برآمد ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو جڏھن ته گرفتار منشيات فروشن کان هڪ ڪيري بولان به برآمد ڪئي آھي جنهن ۾ هو منشيات سپلائي ڪندا هئا.