وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) پ پ پاران يونين ڪائونسل ٻوسڻ ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ همٿ علي ٻوسڻ، نديم علي ٻوسڻ پنهنجن ساٿين  سميت پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي ۽ پ پ جي نامزد اميدوارن جي ڀرپور  حمايت جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي پ پ يوسي ٻوسڻ جي چيئرمين جي اميدوار نظر پٺاڻ چيو ته دوستن کي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، 26 جون تي ڪاميابي پ پ جي ٿيندي.