لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽينڊ جي دڪاندارن 15 ڏينهن کان بجلي بند ٿيڻ خلاف روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  سيپڪو خلاف سخت نعريبازي، ان موقعي تي عابد سولنگي ،عرفان علي، خليل کوسو، عاشق علي شاھ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  15 ڏينهن کان  ٽرانسفارمر خراب آهي، بجلي بندش سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي،  گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بجلي فراهم ڪئي وڃي.