ميرپور ساڪرو(ن پ ا) تعلقي ميرپور ساڪرو جي  يونين ڪائونسل ڪڪڙانڊ جي وارڊ نمبر 4 تان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار اقبال شيدي آر او وٽ ڇنڊڇاڻ واري ڏينهن پيش نه ٿيو. سندس فارم آر او رد ڪيو خاصخيلي اتحاد جي اميدوار عارب خاصخيلي جا تجويز ۽ تائيد ڪندڙ  ٻئي وارڊ جا ھجڻ ڪري فارم رد ڪيو ويو جنهن کانپوء پ پ پ اميدوار امين خاصخيلي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. ھيستائين پ پ پ جي ڪامياب اميدوار جو تعداد 7 ٿي ويو آهي.