خانپور/چڪ (نمائندن وٽان) رستم لڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيل 5 ڄڻن جي هٿيارن جي ڇانو ۾ تدفين، ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ وڌيڪ 4 پوليس پڪٽون قائم، خبر موجب رستم ٿاڻي جي حد شھپور واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين سعد خاناڻي ۽ ڪمالاڻي وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل 5 ڄڻن بخشل سعد خاناڻي، راوت ڪمالاڻي، ڪاڪو عرف رمضان ڪمالاڻي، حضوربخش ڪمالاڻي، نواب ڪمالاڻي جا مڙهه جنازي نماز بعد هٿيارن جي ڇانو ۾ ڌار ڌار ڳوٺن جي قبرستانن ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، پنجن ئي مقتولن جا مڙهه کڄڻ وقت علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو، هوڏانهن ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ سبب ايس ايس پي شڪارپور پاران علائقي ۾ وڌيڪ 4 پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي مک جوابدار گرفتار ٿي سگهيا هئا.